سلطان محمود بيگڙو

سلطان محمود بيگڙو: سلطان محمود بيگڙو، گجرات جي بادشاهن مان سڀني کان بهتر بادشاهه ٿي گذريو آهي. هي 1451ع ڌاري گجرات جو بادشاهه ٿيو. هن چمپانير ۽ جھوناڳڙهه جي راجائن کي پنهنجو تابعدار بڻايو. ان وقت گجرات جي ساحل تي ڦورو، حملا ڪري، ماڻهن کان مال ڦري ويندا هئا ۽ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل هوندو هو. سلطان محمود بيگڙي ڦورن جو خاتمو آڻي امن قائم ڪرايو.
سلطان محمود بيگڙو 1471ع ۾ چمپانير ويندي پارڪر پهتو هو، جتي کيس مقامي مسلم ۽ هندو قبيلن جي مقابلي جو اطلاع مليو. کيس پارڪر ۾ 24000 ويڙهاڪن جي لشڪر سان منهن ڏيڻو پيو. مقامي لشڪر ۾ ڪلهوڙا، سومرا ۽ سوڍا شامل هئا، پر هن هر قسم جي ويڙهه کان پاسو ڪيو ۽ ساڻن ٺاهه ڪيو. سلطان کي اهو معلوم ڪري تعجب ٿيو ته ٿر ۽ پارڪر جا ماڻهو مسلمان هوندي به قديم هندو روايتن سان لاڳاپيل هئا. بادشاهه جي آڇ تي هتان جي ڪيترن قبيلن گجرات جي شهر سوراشٽر طرف لڏپلاڻ ڪئي، جتي سندن رهائش ۽ تعليم جو بندوبست ڪيو ويو.
1472ع ۾ ڪڇ جي ڪناري آباد سنڌي قبيلن بغاوت ڪئي، جنهن بغاوت ۾ 40 هزار فردن حصو ورتو. ان وقت سلطان محمود بيگڙو ڪڇ ۾ موجود هو. جڏهن کيس هن بغاوت جي خبر پهتي ته هن هڪ وڏو لشڪر ڄام نظام الدين جي مدد لاءِ موڪليو. سنڌي ۽ گجراتي فوجن گڏجي بگڙيل صورتحال کي ضابطي ۾ آندو. ڄام نظام الدين اهڙي مدد جي موٽ ۾ بيگڙي جا ٿورا مڃيا.
سلطان محمود بيگڙو 1505ع ڌاري ننگرپارڪر ۾ موجود هو، جتي سوڍن ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪئي هئي، جنهن کي هن سياڻپ ۽ حڪمت عمليءَ سان ضابطي هيٺ آندو. روايت موجب محمود بيگڙي، ڀوڏيسر ۾ هڪ مسجد قائم ڪرائي، جنهن لاءِ هن وڏي رقم مهيا ڪئي هئي. هڪ روايت موجب اهو اصل ۾ جين يا هندو مندر هو، جنهن کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو هو.


لفظ سلطان محمود بيگڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو